135

ميروخان ويجهو ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۾ ڀائٽي مبينا پسٽل جا فائر ڪري نوجوان چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو

ميروخان(رپورٽر الطاف احمد ڪلهوڙو ) ميروخان ويجهو ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۾ ڀائٽي مبينا پسٽل جا فائر ڪري نوجوان چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ بي ٽي وي پاران رابطو ڪرڻ تي مقتول جي سئوٽ ڪرم علي شر ٻڌايو ته زمين جي مسئلي تان معاملو هلندڙ هيو جنهن تان جوابدار عبداللطيف شر 19 ورهين جي چاچي حبدار پٽ خادم حسين شر کي گهر ٻاهران پسٽل جا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي ٻي پاسي اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ميروخان پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان حبدار شر جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقہ اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں