155

موسميات کاتي هلندڙ هفتي به سخت گرمي برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو الرٽ جاري

ڪراچي: سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجهه علائقا سخت هيٽ ويو جي هيٺ آهن جڏهن ته ڪالهه موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻو پاڪستان جا گرم ترين هنڌ بڻجي ويا جتي گرمي پد 53 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.

رپورٽ موجب جيڪب آباد ۾ گرمي پد 52 رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته وڌيڪ 5 کان 6 ڏينهن تائين سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ موسم جي صورتحال برقرار رهندي.  ڪالهه ٺٽو سنڌ جو واحد علائقو هو جتي جو گرمي پد 40 ڊگري کان گهٽ هو.

ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهندو. موسميات کاتي موجب هيٽ ويو 29 مئي کان 31 مئي جي وچ ۾ هوندو ۽ ان دوران سامونڊي هوائون مستقل غير فعال رهي سگهن ٿيون. شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 40 کان 42 ڊگري جي وچ ۾ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

چيف ميٽرولوجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته 29 مئي ۽ 30 مئي تي هوا جو رخ تبديل ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 27 مئي کان پوءِ اندرون سنڌ جي علائقن ۾ گرمي پد گهٽ ٿي ويندو.

ڏکڻ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي شهر خانپور ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 50.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ترجمان محمد سليم شيخ صحافين کي ٻڌايو ته ٻارن پوڙهن ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ گرمي جي هلندڙ صورتحال وڌيڪ پريشان ڪن ۽ سنگين ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هلندڙ گرمي دوران هيٽ ويو مان  هر هڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهي ٿو پر ڳورهاري عورتن کي وڌيڪ خطرو هوندو آهي. هن صبح 11 وڳي کان ٻنپهرن جو 3 وڳي تائين غير ضروري ٻاهرين سرگرمين کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو جيڪو ڏينهن جو گرم ترين حصو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں