76

ڪراچي جي مختلف علائقن مان 3 عورتن سميت 5 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي: (ڪراچي :رپورٽ رمضان رند) ڪراچي جي مختلف علائقن مان 3 عورتن سميت 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن پوليس سمورن معاملن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب اختر ڪالوني سيڪٽر بي جي گهر مان عورت جي ڦاهو لڳل لاش ملي آهي فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ 30 ورهين جي ماريه جي نالي سان ٿي، موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم کان به سامهون اچي سگهندو.

اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 ۾ گهر مان 65 ورهين جي ڪنيز فاطمه نالي عورت جي لاش ملي، پوليس موجب شروعاتي طور تي موت طبي لڳي ٿي لاش کي اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.

اورنگي ٽائون جي ئي سيڪٽر 10  جي هڪ گهر مان 30 ورهين جي عاصمه زال سعيد نالي عورت جي لاش ملي آهي. شروعاتي جاچ موجب عورت زهر پي آپگهات ڪيو آهي.

پوليس موجب منظور ڪالوني سيڪٽر آءِ جي گهر مان 22 ورهين جي سعد جو ڦاهو لڳل لاش مليو آهي، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ خبر پئجي سگهندي.

پوليس موجب گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ نامعلوم هنڌ کان ايندڙ گولي لڳڻ سبب 26 ورهين جي آسيه زال عبدالصمد به فوت ٿي وئي، واقعي واري عورت گاڏي هلائي رهي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں