160

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان: موسميات کاتي گرمي گهٽ ٿيڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.

موسميات کاتي موجب 28 ۽ 29 مئي تي سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، ٺٽو، بدين، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 28 مئي کان پهرين جون جي دوران مٿانهين علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ تيز طوفان سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هڪ ڪمزور مغربي لهر 28 مئي تي ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي. 28 کان 29 مئي جي دوران ڪوئٽه، زوب، زيارت، بارکهان ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 28 مئي کان پهرين جون تائين چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد، ڪوهستان، وزيرستان، شانگلا، لکي مروت، ڪرڪ، پشاور ۽ مردان ۾ به ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به 28 مئي کان پهرين جون جي دوران برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، اوڪاڙه ۽ فيصل آباد سميت ٻين هنڌن تي به برسات جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں