78

حڪومت سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت 28 مئي تي ”يوم تڪبير“ جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم 28 مئي ”يوم تڪبير“ کي سرڪاري موڪل قرار ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم چيو ته يوم تڪبير ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو، ان ڏينهن سڄي قوم فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪو دٻاءُ قبول ڪري سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته يوم تڪبير سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع جي مضبوطي لاءِ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو.

واضح رهي ته پاڪستان ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جو جواب 28 مئي 1988 ۾ بلوچستان صوبي جي علائقي چاغي ۾ ڌماڪن ذريعي ڏنو هو.

26 سال اڳ ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ پاڪستان مسلم دنيا جي پهرين، جڏهن ته دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ان ڏينهن کي قوم ”يوم تڪبير“ جي نالي سان ياد ڪندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں