31

گيهه جي اگهه ۾ واضح گهٽتائي

اسلام آباد: گيهه جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي ڪندي نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي، مخصوص صارفين في ڪلو گيهه 375 رپين تائين خريد ڪري سگهندا.

يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سبسڊائزڊ گيهه جي قيمت ۾ 18 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي، ترجمان موجب بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ خاندانن لاءِ گيهه جي قيمت ۾ 18 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي صارفين کي في ڪلو گيهه هاڻ 375 رپين ۾ ملندو.

يوٽيليٽي اسٽورز سان خريداري ڪندڙ عام صارفين کي گيهه هاڻ 463 رپين بدران 445 رپيا في ڪلو ملندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں