78

يوم تڪبير تي اوچتو موڪل جو اعلان: ڪاروباري طبقو حيران، امتحان ڏيندڙ شاگرد پريشان

اسلام آباد:يوم تڪبير تي اوچتو موڪل جي اعلان سبب ڪاروباري طبقو حيران جڏهن ته امتحان ڏيندڙ شاگرد پريشان ٿي ويا آهن.

ڪاروباري برادري چيو آهي ته مختلف معاملن ۾ بينڪ ٽرانزيڪشنز ڪرڻي هوندي آهي، اوچتو موڪل سبب ٽرانزيڪشنز متاثر ٿيندي آهي ۽ ڪاروباري ڀروسي ۾ گهٽٽائي اچي ٿي.

لاهور ۾ واپارين اڄ مارڪيٽون کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪراچي جا واپاري مرڪز به کليل رهندا.

ڪراچي جي واپاري اتحاد جي چيئرمين عتيق مير چيو آهي ته ڪاروباري پريشانين جو شڪار واپاري اوچتو موڪل برداشت نٿا ڪري سگهن.

ٻئي پاسي اڄوڪي ڏينهن شاگردن جا پيپر هلي رهيا هئا  اوچتو موڪل جي اعلان سبب شاگردن جا امتحان به ملتوي ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترائي شاگرد پڻ پريشان ٿي ويا آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف 28 مئي يوم تڪبير تي عام موڪل جو اعلان ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں