26

ملڪ ۾ سخت گرمي باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ: پشاور ۾ مظاهرين موٽروي بند ڪري، وزيراعظم اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: ملڪ ۾ سخت گرمي سان گڏ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ به عروج تي آهي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بندش جو ٽائيم 14 ڪلاڪ تائين پهچي ويو آهي.

پشاور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خلاف عوام احتجاج ڪيو جنهن ۾ مظاهرين موٽروي ايم ون کي بند ڪريو جنهن سبب روڊ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

مظاهرين ڳالهين جي لاءِ اختيارين جي اچڻ تائين روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ جو وقت برداشت ڪرڻ کان وڌي ويو آهي.

ٻئي طرف ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش سبب عوام سخت پريشان آهي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾  رات دير کان لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن.

ٻئي پاسي ڪيسڪو ڪوئٽه ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 8 کان 10 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تربت، سبي، نصيرآباد ۽ جعفرآباد سميت ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ 12 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم کي اجلاس ۾ بجلي جي طلب، پهچائڻ ۽ لوڊشيڊنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بجلي چوري جي خلاف جاري ڪارروائين تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو. صوبن ۾ بجلي جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں