112

ٺري ميرواهه: گهرو اڻبڻت تان ٻن شادي شده عورتن جي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، هڪ فوت، ٻئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ٺري ميرواھ:سيٺارجا لڳ ڳوٺ صالح راڄپر ۾ گهرو مسئلن تان ٻن شادي شده  عورتن  زهريلي دوا پي ڇڏي، هڪ فوت، ٻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو. فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، سيٺارجا پوليس پاران واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي. تفصيلي خبر موجب سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ محمد صالح راڄپر ۾ ٻن شادي شده عورتن 20 ورهين جي مسمات ذڪيه زال واجد علي راڄپر ۽ 25 ورهين جي مسمات عابده زال معشوق علي راڄپر زهريلي دوا پي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ مسمات ذڪيه گمس اسپتال ۾  ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته مسمات عابده جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ناري ذڪيه جو مڙهه کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هن ڏس ۾  ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي ناريون جدا جدا گهرن جون رهندڙ پاڻ ۾ مائٽ ۽ سھيليون هجڻ ڪري انهن گڏجي زهريلي دوا پيتي جنهن ۾ هڪ فوت ۽ هڪ نازڪ حالت ۾ آهي . فوتڻ ناري زڪيه جي والد غلام رسول موجب سندس ڌيءَ جي شادي 2 سال اڳ واجد علي سان ٿي هئي سندس مڙس موالي هجڻ ڪري سندس گهر ڇڏي مون وٽ رهندي هئي جنهن کي برادري جي هڪ نوجوان ورغلائي زهر پيئڻ تي مجبور ڪيو جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي . هوڏانهن ايس ايڇ او سيٺارجا منصور نظاماڻي ٻڌايو ته واقعي بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ وارثن پاران ڪجهه ماڻهن تي الزام هنيا پيا وڃن جن جو وارثن پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں