133

سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم تڪبير جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي، عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم تڪبير جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 28 مئي جي حوالي سان اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون.

پاڪستان ۾ 28 مئي کي يوم تڪبير جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. اڄوڪي ڏينهن چاغي واري هنڌ تي پاڪستان هڪ  ٻئي پٺيان 5 ايٽمي ڌماڪا ڪري ملڪي دفاع کي ناقابل تسخصير بنايو. 28 مئي تي پاڪستان کي اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت بنجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو.

ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان 7 ملڪن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ڇڏيو. نوازشريف جي حڪومت واري دور ۾ پاڪستان ڀارت جي 14 مئي 1988ع جي ايٽمي ڌماڪن جو ڀرپور جواب ڏنو، ايٽمي ڌماڪن سان ملڪ دشمن طاقتن کي واضح پيغام ڏنو ويو.

وزيراعظم اڄ يوم تڪبير تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويو آهي جنهن جي تحت سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا بند رهندا. جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ بينڪن ۾ به موڪل هوندي. تعليمي بورڊ ۾ اڄ شيڊول ٿيل پرچا به ملتوي ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں