109

اي ايس پي شهربانو گهرو وزير محسن نقوي جي پي ايس او مقرر

اسلام آباد: اي ايس پي شهربانو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر(پي ايس او) مقرر ٿي وئي آهي.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهربانو نقوي محسن نقوي جي پي ايس او جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏيندي. گريڊ 17 جي شهربانو اي ڊي او ايف سي اسلام آباد مقرر هئي.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي ايس پي شاهه رخ خان کي گهرو وزير جو اسسٽنٽ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 17 جو شاهه رخ خان پوليس سروس اي ڊي او ايف سي شبقدر مقرر هو.

ياد رهي ته شهربانو نقوي ان کان اڳ انٽيليجنس بيورو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي طور تي به ڪم ڪري چڪي آهي. هن 2019 ۾ سي ايس ايس پاس ڪري پبلڪ مينجمينٽ ۾ ڪم شروع ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں