145

موسميات کاتي ڪراچي ۾سڀاڻي کان پهرين جون تائين سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي سڀاڻي کان پهرين جون تائين ڪراچي ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ سڀاڻي کان پهرين جون جي دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي پر ان دوران تيز هوائون هلنديون رهنديون.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي موسم شديد گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. اربع تي گرمي پد 40 کان 42 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي. خميس تي به موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهي سگهي ٿو. گرمي پد 41 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد 42 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں