46

ايندڙ مالي سال جو وفاقي بجيٽ 7 کان 9 جون دوران پيش ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال جو وفاقي بجيٽ جون جي 7 تاريخ تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پارليامينٽ جو بجيٽ اجلاس 5 جون تي گهرائڻ جي تجويز آهي ۽ نئين مالي سال جو بجيٽ 7 جون تي به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري کي نظر ۾ رکندي بجيٽ اجلاس جي تاريخ ۾ هيٺ مٿانهين جو به امڪان آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته متبادل آپشن جي طور تي بجيٽ 8 يا 9 جون تي پيش ڪرڻ جي به تجويز آهي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ قومي اقتصادي ڪونسل ۽ وفاقي ڪابينه کان بجيٽ جي منظوري به ورتي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں