71

ڪراچي جي امن ۽ ترقي کي ڪنهن به صورت ۾ خطرو ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي جي امن ۽ ترقي کي ڪنهن به صورت ۾ خطرو ٿيڻ نه ڏينداسين.تفصيل موجب پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي افسوس آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس يقين آهي ته پوليس ۽ ٻيا ادارا گڏجي ڪم ڪندا ته جيئن جوابدارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.هن چيو ته دهشتگردي ڪنهن به نالي ۽ روپ ۾ انسانيت جي دشمن آهي ۽ عوام کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي امن ۽ ترقي کي خطري ۾ نه وجهنداسين.پ پ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں