108

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان پاڪستان ايٽمي رياست بڻيو: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن کي مڃون ٿا اسان کي پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي محنت جو به اعتراف ڪرڻو پوندو.

يوم تڪبير جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڪاميابي سان پنهنجي ايٽمي صلاحيت جو مظاهرو ڪندي ايٽمي طاقتن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. اسان کي هڪ ايٽمي رياست بنجڻ جي سفر ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.

يوسف رضا گيلاني چيو ته يوم تڪبير اسان جي قوم جي استقامت غير متنزلزل ارادري ۽ علاقائي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي عزم جو ثبوت آهي. پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست جي طور تي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان بحيثيت اپوزيشن اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو طرفان ميان نوازشريف جي ايٽمي تجربا ڪرڻ جي حمايت جي فيصلي جي به تعريف ڪريون ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت بڻيو.

وقتي صدر وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم جاري رکڻ جو عهد ڪريون ٿا. اچو هن ڪاميابي مان سبق سکندي ٽيڪنڪي ۽ اقتصادي ترقي جي ذريعي ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بنائڻ جي لاءِ ملي ڪم ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں