204

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 6 سالن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر(ن) ليگ جو صدر چونڊجي ويو

لاهور: اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 6 سالن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر پارٽي جو صدر بڻجي ويو آهي.

(ن) ليگ جي اڳوڻي صدر شهباز شريف جي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ کان پوءِ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي جنهن ۾ پارٽي صدر جي عهدي لاءِ نوازشريف جا 8 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، نوازشريف جا چئني صوبن مان ڌار ڌار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.

آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان به نوازشريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. سنڌ مان(ن) ليگ جي صدر بشير ميمڻ، خيبرپختونخواهه مان امير مقام ۽ بلوچستان مان سردار يعقوب نوازشريف جي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

پارٽي صدر جي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت صبح 10 کان 12 وڳي تائين جو هو. جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي جانچ 2 ڏينهن تائين ڪئي وئي. پارٽي چيف اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُالله تجويز ڪندڙن ۽ تائيد ڪندڙن کي طلب ڪيو ۽ نوازشريف جي ڪاغذن جي جانچ ڪئي.

جنهن کان پوءِ نوازشريف جي پارٽي صدر جي لاءِ جمع ڪرايل ڪاغذات منظور ڪيا ويا ۽ هو بنا مقابلي(ن) ليگ جو صدر چونڊجي ويو. مسلم ليگ(ن) جي جنرل ڪونسل جو اجلاس ڪجهه دير کان پوءِ لاهور جي نجي هوٽل ۾ ٿيندو. جنهن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جي نتيجي ۾ نوازشريف جي بطور صدر چونڊجي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن موجب جنرل ڪونسل اجلاس ۾ اڳوڻو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويندو.

ياد رهي ته 28 جولاءِ 2017 تي نوازشريف سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ وزيراعظم سميت پارٽي صدر تان به هٿ ڌوئي ويٺو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں