176

وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۽ نقصان ڏيندڙ فيڊرز تي بندش جو ٽائيم گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي لوڊ مينجمينٽ ۽ بجلي چوري روڪڻ جي معاملي تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري وزارت بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ تي گڏيل طور تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته بجلي جي چوري کي روڪڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪن ۽ عوام کي رليف ڏين، بجلي جي چوري ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. بجلي چوري جي خلاف مشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.

اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته ذاتي طور تي بجلي  جي چوري کي روڪڻ ۽ اڳڀرائي جو ماهوار جائزو وٺندس. صوبائي حڪومتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري مهم ۾ مدد ڪن، بجلي چوري جي خلاف سمورا حڪومتي ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائين بجلي جي اوور بلنگ قطعي طور تي نه ٿيڻ گهرجي.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ان جي طرفان ڪي پي ڪي ۾ بجلي چوري روڪڻ جو يقين ڏيارڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان اڳڀرائي جي تعريف ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گرمي جي شدت سبب  عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان ڪري نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو ٽائيم گهٽ ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں