96

ڀان سيدآباد: سخت گرمي سبب پير شاخ ۾ وهنجندي 2 نينگر ٻڏي فوت

ڀان سيدآباد:( ڳوٺ قادربخش جمالي ۾ پير شاخ ۾ وهنجندي 2 نينگر عبدالخالق جمالي ۽ نديم جمالي ٻڏي ويا. 

ٻڏي ويل نينگر پرائمري اسڪول ٽيچر عبدالله  جمالي ۽ جلال جمالي جا پٽ آھن  ٻن ڪلاڪن کان مقامي ڳوٺاڻن پاران ٻڏي ويلن جي ڳولها بعد نينگرن جا شاخ مان لاش هٿ  ڪيا ويا.  نينگر تيز گرمي سبب شاخ ۾ وهنجي رهيا هيا ته ٻڏي ويا.

ٽوٻا نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٻڏي ويلن جا لاش ڪڍيا، اطلاع باوجود انتظاميه طرفان ڪو به لاڳاپيل عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتو

لاش ملڻ بعد نينگرن جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، ٻڏي ويل نينگر ڇهين ڪلاس جا شاگرد ھيا. افسوناڪ واقعي بعد ڀرپاسي جي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں