88

خواجا سعد رفيق نيب ترميمي آرڊيننس جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق نيب ترميمي آرڊيننس جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ 40 ڏينهن ڪرڻ جو قانون افسوسناڪ آهي. هن چيو ته انهي ڪاري قانون جي حمايت نٿي ڪري سگهجي. آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

خواجه سعد رفيق اهو به چيو ته ڪيترائي بيگناهه انهي قانون جو شڪار بڻجي چڪا آهن. شڪي قانونسازي هميشه نامناسب رهندي آهي. نيب قانون هڪ آمر ٺاهيو جنهن کي شرمناڪ سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وقتي صدر يوسف رضا گيلاني قومي احتساب بيورو(نيب) ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو هو. نيب ترميمي آرڊيننس جي تحت نيب جو ريمانڊ 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نيب ترميمي آرڊيننس موجب بدنيتي تي ٻڌل ڪيس ٺاهڻ تي نيب آفيسر جي سزا 5 سالن کان گهٽ ڪري 2 سال ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں