103

عوام اڄ ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيو: نوازشريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف چيو آهي ته عوام اڄ ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي صدر جنرل ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ثاقب نثار مون کي سڄي زندگي جي لاءِ صدارت تان هٽائي ڇڏيو هو، هي ماڻهو مون کي واپس وٺي آيا آهن ته خاموش ڇو ويهون، اوهان کي منهنجي صدر بنجڻ تي خوشي نه ٿي آهي. ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جي خوشي ملهائڻي آهي.

نوازشريف چيو ته مون کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي صدارت تان هٽايو ويو. مون پٽ کان پگهار نه ورتي هئي تنهنجي پٽ کان ته پگهار نه گهري هئي، اڄ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ملاقات ٿي رهي آهي، مون کي ڪارڪنن تي فخر آهي. طوفان هجي يا برسات، گرمي هجي يا سيءَ ڪارڪن پرواهه نه ڪندي(ن) ليگ جو جهنڊو کڻي رکيو هو.

مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته شهباز شريف کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. گهڻا لاها چاڙها آيا، پر شهباز شريف استحڪام سان بيٺل رهيو. شهباز شريف پارٽي جي امتحان تي پورو لٿو، ڪيترن ئي ماڻهن اسان جي رشتي ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته جس هجي شهباز شريف کي جيڪو نه جهڪيو، نه لڏيو، بيٺل رهيو. مون کي شهباز شريف تي فخر آهي، شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر ذميواري منهنجي ڪلهن تي وجهي ڇڏي آهي. شهباز شريف کي چيو ويو هو ته نوازشريف کي ڇڏي ڏيو ۽ وزيراعظم بڻجو پر شهباز شريف انڪار ڪيو، بيوفائي نه ڪئي.

نوازشريف چيو ته وفا جي ڏوهه ۾ شهباز شريف جيل تائين ويو پر رڙيون نه ڪيون، اسان جو رشتو قائم، دائم ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط رهندو. مريم نواز به سخت وقت ۾ پارٽي کي متحرڪ رکيو. مريم نواز به هر امتحان ۾ پورو لٿي.

مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته جيل ۾ منهنجي سامهون مريم نواز کي هٿڪڙي لڳائي وئي، حمزه شهباز به جوان مردي سان جيل  جون سختيون برداشت ڪيون، شهباز شريف به صبر ڪيو، سڀني کان وڌيڪ مبارڪباد جا مستحق ڪارڪن آهن. هن چيو ته راڻا ثناءُالله، خواجه سعد رفيق، حنيف عباسي، اسحاق ڊار، احسن اقبال، خواجه آصف ۽ اسان جي دوست شاهد خاقان عباسي به مصيبتون برداشت ڪيون پر اُف به نه ڪئي. هن چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت جڏهن به آئي اسان ملڪ جي تقدير بدلي، جيڪڏهن اسان جي حڪومتن ۾ خلل نه اچي ته پاڪستان هن خطي جي وڏي طاقت هجي ها. بدقسمتي سان ٽنگون ڇڪڻ جو سلسلو 1947ع کان اڄ تائين جاري آهي. افسوس انهي سلسلي پاڪستان کي تمام گهڻو ڪمزور ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں