93

دعا ڀٽو جي حليم عادل شيخ کان طلاق وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست

ڪراچي:فيملي عدالت ويسٽ ۾ اڳوڻي ايم پي اي دعا ڀٽو تحريڪ انصاف سنڌجي صدر حليم عادل شيخ کان خلع وٺڻ  لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

دعا ڀٽي پنهنجي ٻن سال جي پٽ ڪامل شيخ جي خرچ  لاءِ به درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت دعا ڀٽو جي درخواست تي حليم عادل شيخ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته حليم عادل شيخ پنهنجي پٽ کي خرچ نه ڏيندو آهي، دعا ڀٽي حليم عادل شيخ سان وڌيڪ زندگي گڏ نٿي گذارڻ چاهي.

ياد رهي ته حليم عادل شيخ دعا ڀٽي سان 8 سال اڳ شادي ڪئي هئي.

2022ع ۾ دعا ڀٽي ملير جي عدالت ۾ خلع جو ڪيس داخل ڪيو هو بعد ۾ صلح ٿيڻ کان درخواست واپس ورتي هئي.

حليم عادل شيخ چيو ته مون کي نوٽيس نه مليو آهي اگر نوٽيس ملندو ته جواب ڏيندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں