73

آمريڪي ڊالر جي وڏي اڏام، قيمت 195 رپين کان وڌي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 195 رپين کان وڌي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سومر تي ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 66 پئسا واڌ ٿي وئي، جڏهن ته ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 194.18 پئسا تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 32 پئسا اضافو ٿيو ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 195.50 پئسا تي پهچي ويو.ڪالهه انٽر مارڪيٽ ۾ ڊالر 1.66 رپين جي اضافي سان 194.18 رپين جي بلند ترين سطح تي بند ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 1.80 رپيا واڌ سان 196.50 رپيا تي بند ٿيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں