142

ٺٽي لڳ ڪينجهر ويجهو نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ ۽ سوئٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

ٺٽو: ٺٽي لڳ ڪينجهر ويجهو نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ ۽ سوئٽ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ٺٽي جي علائقي ڪينجهر ويجهو علي بحر ۾ سومرا برادري جي نوجوان جوابدار سلمان سومرو ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪريڪارنهن جي الزام ۾ سندس ڀيڻ آمنت کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد علي بحر اسٽاپ تي هوٽل تي ويٺل پنهنجي سئوٽ آصف سومرو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

مارجي ويل نوجوان آصف سومرو ۽ ناري آمنت جا لاش سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيا ويا.

واقعي بعد علي بحر جي سومرا برادري جي ٻنهيڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں