87

آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جعلسازي سميت 34 الزامن ۾ ڏوهاري قرار

نيو يارڪ: اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جعلسازي ڪيس ۾ سزا ملي وئي، نيويارڪ جي عدالت ڊونلڊ ٽرمپ کي 2014 جي چونڊن کان اڳ هڪ پورن اسٽار کي لاڳاپن بابت خاموش ڪرائڻ لاءِ ڪيل ادائگي لڪائڻ ۽ جعلي دستاويز ٺاهڻ جو ڏوهاري به قرار ڏنو.

آمريڪي ميڊيا موجب عدالت جي 12 رڪني جيوري اڳوڻي صدر کي سمورن 34 الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو آهي، 11 جولاءِ تي ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو ويندو.

آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اڳوڻي صدر کي ڏوهاري قرار ڏئي سزا ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جيل به وڃي سگهي ٿو پر گهڻا امڪان آهن ته مٿس ڏنڊ وڌو ويندو، آمريڪي تجزيه نگارن موجب عدالتي فيصلي سبب نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آزاد ۽ ريپبليڪن ووٽرن جي حمايت وڃائي سگهي ٿو.

اڳوڻي صدر ٽرمپ عدالتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، فيصلو ٻڌائيندڙ جيوري جي سربراهه تي ڇتي تنقيد، قانوني ماهرن موجب ٽرمپ ڪيس ۾ سزا باوجود صدر جو بائيڊن خلاف نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊون وڙهي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں