83

ڪنڌڪوٽ: ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان فائرنگ، 3 نينگرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان فائرنگ ۾ 3 نينگرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا.

انڊس هاءِ وي تي ڇڻڪو اسٽاپ وٽ جوابدارن ڳوٺ علي محمد ڀنگوار جي رهواسين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

گوليون لڳڻ سبب 13 ورهين جو مزمل، 11 ورهين جو ماجد، 9 ورهين جو شهزاد ۽ 36 ورهين جو شبير احمد ڀنگوار مارجي ويا.

پوليس چئني مقتولن جا لاش ٽريڪٽر ذريعي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، تڪرار تان اڳ به 2 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جو نبيرو به ٿي چڪو هو، نبيري باوجود اڄ هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں