32

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ موسم گرم رهڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ موسم گرم ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ وڌيڪ گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرم پد جيڪب آباد ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سبي ۽ دادو ۾ گرمي پد 46، موهن جو دڙو، خيرپور، ڊي جي خان ۾ 45، رحيم يار خان، سکهر، اوڪاڙه، نوابشاهه، ڪوٽ ادو، خانيوال، ڊي آءِ خان، دالبدين ۾ 44، مظفرآباد 42، لاهور 41، اسلام آباد، پشاور 39، ڪوئٽه 38، ڪراچي 35 ۽ گلگت ۾ 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي طرفان اسلام آباد، پنجاب جي ڪجهه علائقن، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ وڌيڪ گرم رهڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں