36

پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي: اسحاق ڊار

شيزن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي.

چين جي شهر شيزن ۾ پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تمام گهڻا وسيلا آهن. ايس آءِ ايف سي سرمائيڪارن جي حوصله افزائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي. پاڪستان کي پنهنجو وڃايل معاشي مقام حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. 2017 ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين معيشت هو، بدقسمتي سان گذريل سالن ۾ معاشي تباهي ٿي.

ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب تقريب کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي اشارا مثبت سمت طرف گامزن آهن ۽ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح ڪمي آئي آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان اقتصادي اصلاحات تي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري ۾ اضافو، سرمائيڪارن جو پاڪستان تي ڀروسو آهي جڏهن ته وياج جي شرح جي معاملي تي اسان کي هلندڙ سال ڏسڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں