32

توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي خلاف توهين عدالت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ جي طلبي تي فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال عدالت ۾ پيش پيا. مصطفيٰ ڪمال عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي. ان جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته اسان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾  غير مشروط معافي گهري آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هدايت ڪئي ته اوهان پنهنجو غير مشروط معافي وارو جواب عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو جنهن تي وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ مصطفيٰ ڪمال جو جواب پڙهي ٻڌايو.

وڪيل فروغ نسيم چيو ته مصطفيٰ ڪمال خاص طور تي 16 مئي جي پريس ڪانفرنس تي معافي گهري آهي. مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ٻڌڻي هيٺ اپيلن بابت ڪئي هئي. مصطفيٰ ڪمال پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏي رهيا آهيون.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته فيصل واوڊا جو وڪيل ڪٿي آهي. فيصل واوڊا جو وڪيل معيز احمد روسٽرم تي اچي ويو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان جو گذريل ٻڌڻي جو حڪم نامو ڪهڙو هو ڏيکاريو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته فيصل واوڊا صاحب اوهان ته سينيٽ يعني ايوان جا ميمبر آهيو، سينيٽ ميمبرن کي ته وڌيڪ تهذيب يافته مڃيو ويندو آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هلو پهريان مصطفيٰ ڪمال جو معاملو ڏسي ٿا وٺون پوءِ اوهان کي ٻڌون ٿا ڇا  مصطفيٰ ڪمال فيصل واوڊا کان متاٿر ٿي پريس ڪانفرنس ڪئي؟ جنهن تي مصطفيٰ ڪمال جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته نه اهڙي ڳالهه نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ۾ عدليه جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهو هڪ آئيني ادارو آهي، قوم کي هڪ قابل احترام عدليه ۽ فعال پارليامينٽ گهرجي، هڪ آئيني ادارو ٻئي آئيني اداري تي حملو ڪري ته ان جو ڪوبه فائدو نه آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڊرائنگ روم ۾ ڳالهايو ها ته اها ڌار ڳالهه هئي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ڳالهايو ها ته ان جو ڪجهه تحفظ ملي ها، اوهان پريس ڪلب ۾ ڳالهايو آهي ۽ سمورن ٽي وي چينلن انهي کي هلايو ته هاڻ معاملو ڌار ٿي ويو آهي. هن چيو ته اٽارني جنرل صاحب آرٽيڪل 19 پڙهو اهو ڇا ٿو چئي. آرٽيڪل 19 ۾ ڊيسينسي جو لفظ استعمال ٿيو آهي. وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته عدليه کي گاريون ڏئي ڊيڄاري مرضي جا فيصلا وٺنداسين.  

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال سمجهي ٿو ته هن توهين عدالت ناهي ڪئي ته پوءِ معافي قبول نه ڪنداسين، اوهان ڊرائنگ روم ۾ ڳالهايو  ها ته اها ڌار ڳالهه هئي جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ڳالهايو ها ته ڪجهه تحفظ حاصل هجي ها، اوهان پريس ڪلب ۾ ڳالهيون ڪيون جنهن کي سمورن ٽي وي چينلن انهي کي هلايو  هاڻ معاملو ڌار ٿي ويو آهي قوم کي هڪ اهڙي پارليامينٽ ۽ عدليه  گهرجي جنهن جي عوام ۾ عزت هجي.

چيف جسٽس فيصل واوڊا کي چيو ته اوهان ته سينيٽر آهيو، سينيٽ ته مٿانهون ايوان هوندو آهي. سينيٽ ۾ گهڻا سلجهيل ماڻهو هوندا آهن.  چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو چوي ته عدالتن ۾ دير سان فيصلا ٿيندا آهن ته اها منصفاڻي تنقيد آهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته توهين ناهي ڪئي ته غير مشروط معافي جي به ضرورت نه آهي. اسان کي قائل ڪريو، نوٽيس واپس ٿا وٺون. هڪڙي ڳالهه مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس ۾ هئي پر ان تي غير مشروط معافي گهري ٿو؟ ٻڌايو انهي معاملي تي دين ڇا ٿو چوي اوهان پريس ڪلب ۾ ڳالهايو آهي عوام آڏو ڳالهائڻ ۽ اڪيلي ۾ ڳالهائڻ ۾ فرق آهي.

فروغ نسيم جواب ڏنو ته دين  ته گهڻو ڪجهه چوي ٿو. اسان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري معافي گهري ٿا وٺون.

اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ ججز جي ڪنڊڪٽ کي بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي. اهڙي طرح عدالت ۾ به پارليامينٽ جي ڪارروائي کي بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي. ججز جي ٻٽي شهريت تي به قانون پابندي لاڳو نٿو ڪري. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں