31

ڪراچي ۾ پوليس فائرنگ ۽ عوام جي تشدد سبب 2 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي: اتحاد ٽائون ۾ قائم خاني ڪالوني باهو چوڪ ڀرسان عوام هڪ ڦورو کي پڪڙي تشدد جو نشانو بنائي ماري ڇڏيو جڏهن ته سائٽ بي پوليس مبينه مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ان جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ آيون آهن.

ٻئي پاسي سائٽ بي پوليس غني چورنگي ڀرسان مبينه مقابلي دوران هڪ ڦورو 30 ورهين جي وحيد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، گوليون ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتو.

ٻئي پاسي عوامي ڪالوني پوليس ڪورنگي سنگر پليه امام ريسٽورينٽ جي ڀرسان مبينه مقابلو ٿيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو. ڦورن جي ساٿين پوليس مٿان فائرنگ ڪندي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فرار ٿيندڙ ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. پوليس اهلڪار اڪرام جي ٻانهن ۾ گولي لڳي آهي جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ محمد يونس ولد محمد يوسف جي نالي سان ڪئي وئي. مارجي ويل ڏوهاري  وٽان هڪ پسٽل، موبائل فون ۽ ڪجهه روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں