91

اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 اهم دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب 16 ۽ 17 مئي جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا 2 اهم ۽ گهربل دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪمانڊر راشد عرف جابر ۽ عبدالسلام عرف چمٽو جي نالن سان ٿي آهي، جن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں