32

اسد قيصر عيد کان پوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر عيد کان پوءِ حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان جي تحريڪ پرامن هوندي. مولانا فضل الرحمان سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. نوازشريف ۽ آصف زرداري سان ڳالهيون نه ٿينديون، انهن سان تڏهن ڳالهيون ٿينديون جڏهن اهي اسان جي مينڊيٽ کي مڃيندا، چوري ڪيل مينڊيٽ اسان کي واپس ڪيو وڃي.

هن چيو ته اسان اپوزيشن پارٽين کي گڏ ڪري ورتو آهي وڌيڪ سياسي پارٽيون جلد اتحاد ۾ شامل ٿي وينديون. ملڪ تڏهن اڳيان وڌندو جڏهن آئين ۽ قانون موجب هلندو. اسان احتياط سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. عيد کان پوءِ وڏو اجلاس ٿيندو ۽ عيد کان پوءِ اتحاد کي باضابطه شڪل ڏيڻي آهي جيڪو به ڪنداسين آئين ۽ قانون موجب ڪنداسين.

اسد قيصر وڌيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي باوجود عوام اسان کي ووٽ ڏنو. چونڊن ۾ فارم 45 جي نتيجن کي فارم 47 ۾ بدلي ڪيو ويو. چيف جسٽس پاڪستان سان اختلاف ٿي سگهي ٿو. فيصلن تي تنقيد احترام سان ٿيڻ گهرجي. آئين ۾ چٽو لکيل آهي ته پارليامينٽ ۾ ججز جي ڪنڊڪٽ تي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. پارليامينٽ ۾ ججز جي فيصلي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت فيڊريشن جي خلاف سازشون ڪري رهي آهي پي ٽي آءِ باني کي غير قانوني ۽ بناجواز اندر ڪيو ويو آهي. سائفر ڪيس جو فيصلو اچي ويو آهي. هاڻ عدت جو ڪيس ڏسو، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني تي ظلم ٿي رهيو آهي اسان ان سان گڏ آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں