28

عوام کي ٻيهر رليف ڏيڻ جي تياري: پيٽروليم قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان

لاهور: مهانگائي جي چڪر ۾ پيسيل عوام کي هڪ ٻيو رليف ڏيڻ جي تياري ڪئي وئي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ 12 روپين تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 ڊالر 14 سينٽ گهٽ ٿيڻ سان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيه في ليٽر گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو ته آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 89 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي.

اهڙي طرح عالمي منڊي ۾ ڊيزل چار ڊالر گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 93 ڊالر 88 سينٽ تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان پاڪستان ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 45 پئسا گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته 16 اپريل کان پيٽرول جي قيمت ۾ 24 روپيه جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 20 روپيه في ليٽر لاٿ ٿي چڪي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں