59

جاويد لطيف ملڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف مطالبو ڪيو آهي ته 2918 جي چونڊن ۽ تازي چونڊن جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ ملڪ ۾ ٻيهر عام چونڊون ڪرايون وڃن.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي جاويد لطيف چيو ته هڪ انتظام جي تحت موجوده حڪومت آندي وئي ۽ نواز شريف جي اڪثريت جو رستو روڪيو ويو. چونڊن کان اڳ 3 سزائون ڏيڻ به ساڳئي اريجمينٽ جو حصو هو.

جاويد لطيف تحريڪ عدم اعتماد تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ استحڪام نٿا چاهين انهن هڪ ارينجمينٽ جي تحت تحريڪ عدم اعتماد جو ماحول ٺاهيو ته جيئن نوازشريف جي مشهوري ۾ گهٽتائي ۽ پي ٽي آءِ باني جي مشهوري ۾ اضافو ڪري سگهجي جنهن ۾ جنرل باجوه ۽ فيض حميد هڪ پيج تي گڏ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں