86

سعودي عرب حج جي ادائيگي دوران 1301 حاجين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض:سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي دوران حاجين جي فوت ٿيڻ تي سعودي صحت واري وزارت جو بيان سامهون اچي ويو.

سعودي صحت واري وزارت جي وزير فهد بن عبدالرحمان چيو آهي ته هن سال حج جي ادائيگي دوران 1301 حاجي فوت ٿيا. هن چيو ته اهي فوتگيون مناسب پناهه گاهه نه هجڻ ۽ آرام کان سواءِ سج هٺيان سخت گرمي ۾ ڊگهي فاصلي تائين پنڌ هلڻ سبب  ٿيون.

سعودي صحت واري وزير چيو ته فوت ٿي ويل حاجين ۾ ڪيترائي وڏي عمر جا ماڻهو ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو به شامل آهن. جڏهن ته 83 سيڪڙو فوتگيون انهن حاجين جون ٿيون جيڪي اجازت کان سواءِ حج ۾ شامل ٿيا هئا.

ان کان اڳ عرب سفارتڪار چيو هو ته حج جي دوران فوت ٿيلن ۾ صرف مصري حاجين جو انگ گهٽ کان گهٽ 600 تائين آهي. ٻئي طرف پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت حج جي دوران هيٽ ويو سبب 35 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.

پاڪستان جي حج مشن جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومرو موجب منيٰ ۾ 4، عرفات 3 ۽ مزدفله ۾ 2 پاڪستانين جون فوتگيون ٿيون. جڏهن ته 20 پاڪستاني حاجين جون فوتگيون مڪي ۽ 6 مديني ۾ ٿيون.

ياد رهي ته هن سال 18 لک ماڻهن حج جو فرض انجام ڏنو. حج جي دوران گرمي پد 51.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.

سعودي موسميات کاتي هلندڙ سال حج سيزن جي دوران سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ انهي حوالي سان سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان حاجين لاءِ جڳهه جڳهه پاڻي جا ڦوهارا ۽ ٿڌي پاڻي جو انتظام ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں