73

اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين حنيف عباسي سرڪاري عهدو استعمال نه ڪندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله حنيف عباسي جي خاص مددگار جي مقرري خلاف شيخ رشيد جي درخواست جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين حنيف عباسي سرڪاري عهدو استعمال نه ڪندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وزيراعظم جي خاص مددگار حنيف عباسي خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، شيخ رشيد پيش ٿيو، حنيف عباسي طرفان سپريم ڪورٽ بار جوصدر احسن ڀون پيش ٿيو ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن فرد جرم ثابت ٿئي ته سرڪاري عهدو نٿو رهي سگهي، جنهن تي احسن ڀون چيو ته مان عدالت جي مدد ڪندس، خاص مددگار جو عهدو ٻين سرڪاري عهدن وانگر ناهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حنيف عباسي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين وزيراعظم جي خاص مددگار طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويندو. احسن ڀون جي موقف تي جسٽس اطهر من الله چيو ته اميد آهي ته حنيف عباسي ايندڙ ٻڌڻي تائين سرڪاري عهدو نه سنڀاليندو جڏهن ته خاص مددگار جو ڪم وزيراعظم کي مشورو ڏيڻ آهي جيڪو نوٽيس به ڏئي سگهي ٿو. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں