70

پنجاب اسيمبلي ۾ آپريشن عزم استحڪام جي حمايت ۾ قرارداد جمع

لاهور:پنجاب اسيمبلي ۾ آپريشن عزم استحڪام جي حمايت ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي. قرارداد ليگي اڳواڻ حنا پرويز بٽ جمع ڪرائي.

قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان وزيراعظم شهباز شريف طرفان آپريشن عزم استحڪام جي منظوري کي خوشي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آپريشن عزم استحڪام جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو وڃي ٿو.

متن موجب اهو ايوان آپريشن عزم استحڪام جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهي. ايوان پاڪ فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي به مڪمل تعاون جو يقين ڏياري ٿو. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي  حڪومتن کي گڏجي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي متفق ٿيڻ گهرجي.

قرارداد جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون. نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نڪتن تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل يقيني بنايو وڃي. پرامن پاڪستان خوشحال پاڪستان جو ضامن آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں