28

سيوهڻ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش: پاروٿو کاڌو کائڻ سبب ڀاءُ ڀيڻ فوت

سيوهڻ:  سيوهڻ ڀرسان ڪچي واري علائقي يونين ڪائونسل ٽلٽي جي ڳوٺ الهورايو ڪلو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران پاروٿو کاڌو کائڻ سبب 2 معصوم ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا.

پوليس موجب زهريلو کاڌ کائڻ سبب ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا آهن. ٻنهي ٻارڙن کي علاج جي لاءِ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻئي ڀيڻ ڀاءُ علاج دوران فوت ٿي ويا.

فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن ۾ اڍائي ورهين جي ڪائنات ۽ ڇهن ورهين جو فيضان ڪلو شامل آهن ٻئي پاسي علائقي ۾ افواهه آهن ته ٻارڙن کي کاڌي ۾ زهر ملائي ماريو ويو آھي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن ٻارڙن کي زهر ڏنو ويو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں