83

رتوديرو ۾ مهينو اڳ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن مان عورت فوت ٿي وئي،

رتوديرو رپورٽ عرفان علي اوڍاڻو
رتوديرو ۾ مهينو اڳ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن مان عورت فوت ٿي وئي،
شهزاد ڪالوني ۾ مهينو اڳ اڻڄاتل هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي هئي ۔گهر ڌڻي ممتاز علي ميرالي ۽ ان جي گهرواري مسمات ڪزبانو ميرالي زخمي ٿي پيا هيا، زخمي زيري علاج هئا انهن مان زخمي پيرسن عورت ڪزبانو فوت ٿي وئي، انهي حوالي سان فوتڻ عورت جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته مهينو اڳ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري گوليون هلايون عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هيا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جا نالا به اسان ٿاڻي تي ڏنا ان باوجود به پوليس اڻڄاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو هو ۽ هن وقت تائين پوليس واقعي ۾ ملوث ڪي به جوابدار گرفتار ناهن ڪيا زخمين ۾ عورت فوت ٿي وئي آھي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں