29

عزم استحڪام جون گهڻي ڀاڱي ڪارروائيون بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٿينديون: خواجه آصف

لاهور: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عزم استحڪام آپريشن جون گهڻي ڀاڱي ڪارروائيون خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ٿينديون، جنهن جون مقصد دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪرڻ آهي.

پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته هي گذريل آپريشنز کان ٿورو مختلف آهي، هن آپريشن جو مقصد ڪو سياسي عزم ناهي پر ڪجهه مهينن کان وڌندڙ دهشتگردي جي لهر کي ختم ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ان آپريشن ۾ سڀني کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ حڪومت طرفان دهشتگردن کي معافيون ڏيڻ سان نقصان ٿيو، عسڪري قيادت موجب دهشتگردن کي معافي ڏيڻ جو فيصلو سول قيادت ڪيو هو، ان معاملي تي عام بحث ٿيندو ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته فوج روز جي بنياد تي قربانيون ڏئي رهي آهي، عدليا، ميڊيا، سياستدانن ۽ ادارن کي ان آپريشن تي متفق ٿيڻو پوندو نه ته اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں