71

حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو، اپوزيشن احتجاج بدران اسان سان گڏ ويهي تجويزون ڏئي: بلاول

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب ۽ پاڪستان جي معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، نيب کي ختم ڪرڻو پوندو.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن پ پ حڪومت جي حمايت ڪئي ته هڪ معاهدو ڪيو، جنهن تحت حڪومت کي بجيٽ اسان سان گڏ ٺاهڻي هئي پر ان تي عمل نه ڪيو ويو، گڏجي بجيٽ ٺاهيون ها ته سٺو هو.

هن چيو ته حڪومت بجيٽ تي اپوزيشن سان به ڳالهائي انهن کان تجويزون وٺي ها، ان سان سٺو تاثر وڃي ها، شهباز شريف چارٽر آف اڪانامي جي ڳالهه ڪئي هئي، پاڪستان جو لانگ ٽرم مسئلو ان جي بنا حل نه ٿيندو، اهو چارٽر سڀني لاءِ مشوري سان ٺاهڻو پوندو، ڪٿان ڊڪٽيٽ نه ٿيندو، اسان کي دنيا کي پيغام ڏيڻو پوندو ته پاڪستان پنهنجي معيشت لاءِ 20 سالن جو پلان ٺاهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سياست اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي کي جيل موڪلڻ جي ضرورت ناهي پر پي ٽي آءِ حڪومت ۾ باجوا ڊاڪٽرائن جي نالي تي اپوزيشن نشاني تي هئي، 18هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، اپوزيشن عوامي مفاد ۾ اسان سان گڏ ويهي ۽ احتجاج بدران پنهنجون تجويزون ڏئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں