79

عدت نڪاح ڪيس: سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ، 27 جون تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 27 جون تي ٻڌايو ويندو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي ۽ مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ خاور مانيڪا جي وڪيل زاهد آصف دليل ڏنا.

زاهد آصف سزا معطلي جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته اپيل ڪندڙ جو ڪيس سزا معطلي جو آهي يا نه. اپيل ڪندڙ جي وڪيل خاور مانيڪا لاءِ ڪوڙو شخص جا لفظ استعمال ڪيا، عدالت کي ڏسڻو آهي ته مفتي سعيد، خاور مانيڪا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي مان ڪوڙو ڪير آهي؟

 وڪيل چيو ته جيڪو انٽرويو هلايو ويو آهي ان جون حقيقتون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون ويون خاور مانيڪا جي پٽ انهي انٽرويو ۾ چيو پي ٽي آءِ باني جو نڪاح بشريٰ بي بي سان نه ٿيو اهو ڪوڙو الزام آهي.

ٻڌڻي دوران جج افضل مجوڪا خاور مانيڪا جي وڪيل کي چيو ته اپيل ڪندڙ چون ٿا ته چلو ڪٽرايو ويو جنهن کان پوءِ شڪايت داخل ٿي ان تي ٻڌايو ڇا بدنيتي جو تعلق حالتن، واقعن سان ٿيندو آهي ڇا گرفتاري کان پوءِ  اهڙيون حالتون نه هيون؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته جي نه اهڙيون حالتون نه هيون، هڪ جاچ اداري طرفان جاچ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو.

جج سوال ڪيو ته جڏهن شڪايت واپس ورتي وئي ته ڪيس بريت جو ٺهي ٿو جج صاحب ڇا لکيو؟ ڇا   جڏهن اڳ واري شڪايت واپس ورتي وئي ته چارج فريم ٿيو هو يا نه ۽ هن ڪيس ۾ فراڊ ڪهڙو ٿيو اهو ٻڌايو؟ ڇا ڪو پريشر يا ڌمڪي هئي ته خاور مانيڪا جيڪڏهن شڪايت داخل  ڪندو ته ان جا نتيجا اڳرا هوندا؟

ان تي وڪيل زاهد آصف چيو ته مون اهو فيصلو ناهي پڙهيو پر انهي جي ضرورت به نه هئي ڌرڻو ۽ پي ٽي آءِ باني جي وزيراعظم بنجڻ جون حالتون سامهون آهن، ڇا هڪ عام ماڻهو جيڪو ريٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو هجي اهو وزيراعظم سان ٽڪر کائي سگهي ٿو.

جنهن کان پوءِ جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 27 جون تي ڏينهن جو 3 وڳي ٻڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں