84

پشاور: ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، 4 عورتن سميت 8 ڄڻا قتل، 2 زخمي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور جي علائقي بڊهه بير ۾ ملڪيت جي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 عورتن ۽ 4 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب پشاور پوليس ڏوراهين علائقي بڊهه پير جي علائقي باباباغ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مخالفن گهر ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.

رپورٽ موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ 3 عورتون ۽ 4 ٻار به شامل آهن. پوليس لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري واقعي واري هنڌ شاهديون گڏ ڪري ورتيون، جڏهن ته جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس موجب وارثن جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. سينئر سپرنٽينڊنٽ پوليس(ايس ايس پي) آپريشن ڪاشف ذوالفقار واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو هن صحافين کي ٻڌايو ته 2 جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جوابدار ۽ مقتول پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں