70

دهشتگردي جو خطرو، ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي سخت، غير ضروري ايندڙ ماڻهن تي پابندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي آفيسن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ايوي ايشن ذريعن موجب ڪراچي ۾ پي آءِ اي، سي اي اي هيڊڪوارٽرز ۽ سمورن شعبن ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ چوڪيداري وڌائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.حفاظتي قدمن تحت ايئرپورٽس ۽ آفيسن ۾ سياحن جي غير ضروري داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته سي اي اي ۽ پي آءِ اي جي آفيسن کي هر وقت اسٽينڊ بائي تي رکڻ لاءِ چيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن شعبن ۾ ويجيلنس وڌائڻ جي هدايت سان گڏ سي اي اي ۽ پي آءِ اي جي آفيسن ۾ ترت ريسپانس فورس کي به الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پي آءِ اي ۽ سي اي اي جي سمورن کاتن ۾ ڪم ڪندڙ اهلڪارن لاءِ شناختي ڪارڊ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته آفيسن جي چوڌاري شڪي باڪس يا بيگز تي نظر رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي مڪمل فعال رکڻ ۽ ايئرپورٽ جي چوڌاري پي آءِ اي ۽ سي اي اي جي ويجيلنس ٽيمن کي گشت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں