82

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 26 جون کان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي  ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 26 جون کان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ ۽ خليج بنگال مان چوماسي جون هوائون ملڪ جي اوڀرين علائقن ۾ داخل ٿينديون. 26 جون کان پهرين جولاءِ جي دوران سنڌ جي مختلف شهرن جن ۾ عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 2 يا 3 جولاءِ تي برسات پئجي سگهي ٿي.

ان کان علاوه 27 جون کان پهرين جولاءِ جي دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 26 کان 30 جون جي دوران بهاوالپور،  ملتان، خانيوال، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ به برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 28 جون کان پهرين جولاءِ جي دوران ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات پوندي جڏهن ته 26 کان 28 جون جي دوران لسبيله، خضدار، آواران، بارکهان ۽ نصيرآباد ۾ به برسات جو امڪان آهي.  موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي شهر گجرات جي ڏکڻ ۾ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں