79

پيپلز پارٽي جي مسلم ليگ(ن) سان صلح ٿي وئي آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان: سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي مسلم ليگ(ن) سان صلح ٿي وئي آهي.

جهلم پير پشاوري جي سالياني عرس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ميڊيا وارا پوئتي رهجي ويا آهن. خبر نه ٺاهي سگهيا آهن(ن) ليگ پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن ٻنهي پارٽين وچ ۾ صلح ٿي وئي آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته پ پ ڌمڪيون ڏيندڙ پارٽي نه آهي. اسان حڪومت جو حصو نه آهيون انهن جي مدد ڪري رهيا آهيون، معاشي صورتحال تي ڪنٽرول جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ته جيئن حڪومت مضبوط ٿئي.

يوسف رضا گهيلاني چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن جي قدمن جي تعريف ڪئي وئي، ماضي جي آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ 20 لک ماڻهو اڄ به ڪيمپن ۾ موجود آهن.

هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جا  ڪجهه ماڻهو وفاقي حڪومت کي ڌمڪيون ڏيندا آهن انهي تي وڌيڪ ڪجهه نٿو ڳالهائي سگهان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں