70

آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۾ عام چونڊن دوران ٿيل ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: (اربع: 26 جون 2024ع) آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۾ ٿيل تازين چونڊن کي آزادانه، منصفانه مڃڻ کان انڪار ڪندي پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ڪانگريس قرارداد 7 جي مقابلي ۾ 368 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن جي آزادانه ۽ اڻڌري جاچ ڪئي وڃي. انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سهوليتن جي معطلي مذمت جوڳي آهي.

قرارداد جي متن موجب 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي دعوائن جي آزادانه جاچ ڪئي وڃي، عوام کي جمهوري عمل ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ عوام کي دٻائڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا.

قرارداد ۾ عوام کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کان باز رکڻ لاءِ ڌمڪائڻ، قيد ۽ حراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي، ياد رهي ته آمريڪي ڪانگريس جي اها هڪ نان بائنڊنگ قرارداد آهي جنهن تي عمل ڪرڻ حڪومت جي لاءِ ضروري نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں