107

حيدرآباد شهر ۾ سج باهه اوڳاڇڻ لڳو،سخت گرمي 12 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون

حيدرآباد: (اربع: 26 جون 2024ع) حيدرآباد شهر ۾ تازو هلندڙ گرمي جي لهر 12 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون.

پوليس موجب حيدرآباد شهر ۾  سخت گرمي کان متاثر 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جي اڪثريت شامل آهي.

اسپتال انتظاميه موجب گرمي جي تازي لهر وڏي عمر جي ماڻهن کي سخت متاثر ڪري رهي آهي. سينٽرل جيل ۾ گرمي سبب متاثر هڪ قيدي کي به اسپتال آندو ويو جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته نارا جيل مان به هڪ قيدي کي آندو ويو آهي جيڪو هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

اسپتال انتظاميه موجب هيٽ اسٽروڪ  جي شڪار ٻن عورتن کي به اسپتال ۾ آندو ويو جيڪي علاج دوران فوت ٿي ويون.

پوليس ترجمان موجب پوليس کي شهر جي مختلف علائقن مان 3 لاش مليا آهن، سمورا لاش لاوارث هئا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں