98

وڳڻ انڊس ها۽ وي تي ٻن موٽرسائيڪل جي وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

وڳڻ (رپورٽرمحمدبخش خاصخيلي ) وڳڻ انڊس ها۽ وي تي ٻن موٽرسائيڪل جي وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا
خبر موجب وڳڻ شهر جي مين انڊس ها۽ وي جي لڳ ڳوٺ ملوڪ تنيو لاڙي وٽ بروهي ۽ ڪوري برادري جي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوزدار ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ عبدالرسول ولد مٺل بروهي ۽ ٻن عورتن راحيلا زال عبدارسول بروهي ، بيبي عظميٰ  ڌيءٗ  عبدالرسول بروهي زخمي ٿي پيون جڏھن تہ زخمين کي ڳوٺاڻن پوليس جي مدد سان وڳڻ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو ۽ زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽرامان سينٽر لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي جڏھن تہ زخمين جي طبيعت سدرندڙ ٻڌائي پئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں