85

قمبر ۾ بدامني تي ضابطو اچي نہ سگھيو

قمبر رپورٽر خالد حسين چانڊيو
:
قمبر ۾ بدامني تي ضابطو اچي نہ سگھيو ڏينھن ڏٺي موبائل مارڪيٽ مان چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي واپسي نه ڪرائڻ تي يوٿ فورم جي اڳواڻن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو پوليس خلاف سخت نعريبازي

قمبر ۾ بدامني تي ضابطو ٿي نہ سگھيو موبائل مارڪيٽ مان ڏينھن ڏٺي جو اعظم ڏھوٽ جي سي ڊي موٽرسائيڪل 2023 ماڊل چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نہ ڪرائڻ تي يوٿ فورم جي اڳواڻن سرائي لطيف گوپانگ اعظم ڏھوٽ رضوان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قمبر پوليس پوليس خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گذريل ڪافي ڏينھن کان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پوليس عملدارن جي نااهلي سبب امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي وئي آھي ھتان جي پوليس ڏوھارين سان ياريون ملھائي رھي آھي جنھن ڪري ڏوھاري ديده دليريءَ سان ڏوھي وارداتون ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي وڃن ٿا ھنن وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس آف ھاڻي ڪورٽ سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ت قمبر مان ڪرپٽ پوليس عملدارن کي ھٽائي ڪي ايماندار عملدار مقرر ڪيا وڃن جيڪي شھرين کي جان مال جو تحفظ فراھم ڪري سگهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں