خيرپور رپورٽر اسماعيل ڦلپوٽو خيرپور ڀرسان شاھ حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالو ميتلو جي رھواسي زميندار محمد بچل ميتلو جي کجين جي باغ مان رات دير سان نامعلوم چور 20 کان وڌيڪ کجين جا گوشا ڪٽي ڀتي لاء پرچي ڇڏي ويا ان سلسلي ۾ باغائي بچل ميتلو نبي داد جاگيراڻي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ت اسين پورھيت ماڻهو آھيون کجيون تيار ڪري ٻچن جو روزگار ڪندا آھيون شرپسند ماڻهن کجين جا گوشا ڪٽي وري ويتر ڀتي لاء پرچي ڇڏي ويق آهن اسين ايس ايس پي خيرپور ۽ ۽ ٻين وس واتن کان مطالبو ٿا ڪريون ت شرپسند عناصرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي
